نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 22 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت جي ٻيهر توثيق ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق …

اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت جي ٻيهر توثيق ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گذريل هفتي انطاليه ڊپلوميسي فورم دوران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد بشمول پنهنجي ذات جي لاءِ ترڪيه پاران فراهم ڪيل پرخلوص مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪيا. هن ان ڳالهه تي پڻ ٿورا ادا ڪيا ته اي ڊي ايف جي موقعي تي آر – 4 جي ٽئين اجلاس جي ميزباني پڻ ترڪيه ڪئي جنهن ۾ ترڪيه، سعودي عرب، مصر ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.