خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاران دوڙ تعلقي جي ڳوٺ مرزا فرخ بيگ ۾ مستحق خاندانن ۾ سولر سسٽم، بيٽريون، موبائيل چارجر ۽ بلب ورهايا

حيدرآباد - 22 اپريل (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پاران دوڙ تعلقي جي ڳوٺ مرزا فرخ بيگ ۾ ايس ايڇ ايف ايف جي مستحق خاندانن ۾ گهرن جي تعمير کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد عبدالصمد نظاماڻي، پيپلزپارٽي ضلعي صدر محمد سالم زرداري ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجر سافڪو عبدالصمد ڦلپوٽو 97 مستحق خاندانن ۾ سولر سسٽم، بيٽريون، موبائيل چارجر ۽ بلب ورهايا. ان موقعي …

حيدرآباد – 22 اپريل (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پاران دوڙ تعلقي جي ڳوٺ مرزا فرخ بيگ ۾ ايس ايڇ ايف ايف جي مستحق خاندانن ۾ گهرن جي تعمير کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد عبدالصمد نظاماڻي، پيپلزپارٽي ضلعي صدر محمد سالم زرداري ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجر سافڪو عبدالصمد ڦلپوٽو 97 مستحق خاندانن ۾ سولر سسٽم، بيٽريون، موبائيل چارجر ۽ بلب ورهايا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد عبدالصمد نظاماڻي ۽ پيپلزپارٽي ضلعي صدر محمد سالم زرداري چيو ته خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاران مستحق خاندانن ۾ سولر سسٽم، بيٽريون، پنکا، موبائيل چارجر ۽ بلب ورهايا ويا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته ان قدم جو مقصد خاتون اول پاران ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي متبادل توانائي جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ڳوٺ جي مستحق خاندانن سولر، بيٽري ۽ پنکا فراهم ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جا ٿورا ادا ڪيا.