گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ اهم اجلاس، ايئرپورٽس تي گڏيل چيڪنگ ڪائونٽرز ۽ جديد ٽيڪنالاجي لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ گهرو ۽ دفاع واري وزارت جو هڪ خاص گڏيل اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس تي مسافرن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي نظام کي جديد بنائڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا، دفاعي واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) …

اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ گهرو ۽ دفاع واري وزارت جو هڪ خاص گڏيل اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي ايئرپورٽس تي مسافرن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي نظام کي جديد بنائڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا، دفاعي واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمدعلي، گهرو ايڊيشنل سيڪريٽري ميجر جنرل نور ولي خان، دفاع وارو ايڊيشنل سيڪريٽري ميجر جنرل قيصر سليمان، ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ميجر جنرل عبدالمعيد ۽ ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور شرڪت ڪئي. جوائنٽ مسافرن جي سهولتن لاءِ ايئرپورٽن تي سمورن لاڳاپيل ادارن جا جوائنٽ ڪائونٽرز قائم ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا ته جيئن هڪ ئي هنڌ تي سمورا مرحلا مڪمل ٿي سگهن. ايئرپورٽن تي چيڪنگ جي نظام کي اثرائتو بنائڻ لاءِ جديد ترين اسڪينرز ۽ مشينري لڳائي ويندي. اجلاس ۾ اِي گيٽس لڳائڻ جي عمل جو جائزو ورتو ويو، جنهن سان اميگريشن جو عمل تيز ٿي ويندو. دفاع واري سيڪريٽري ٻُڌايو ته جهازن کي پکين سبب ٿيندڙ حادثن کان بچائڻ لاءِ جديد ترين مشينري درآمد ڪئي پئي وڃي. گهرو وزير سمورن ادارن وچ ۾ اثرائتي ڪوآرڊينيشن کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريندي چيو ته عوام کي جديد، تيز ۽ آسان سفري سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو عزم آهي. هڪ ئي اسڪينر تي سمورن ادارن جي گڏيل چيڪنگ سان مسافرن يج وقت جي بچت ٿيندي ۽ ايئرپورٽن تي رش ۽ انتظار جي ڪيفيت ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته مسافرن جي تيز ڪليئرنس لاءِ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته جيئن پرڏيهه مان ايندڙ ۽ ويندڙ شهرين کي ڪنهن به ’قسم جي ڏُکيائي کي مُنهن نه ڏيڻو پوي.