نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد - 22 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ ايندڙ عالمي رابطن ۽ سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آفيسرن سان اڀرندڙ عالمي ۽ علائقائي صورتحال …

اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ ايندڙ عالمي رابطن ۽ سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آفيسرن سان اڀرندڙ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن تي وقت سر ۽ موثر انداز ۾ اڳڀرائي ڪئي وڃي جنهن ۾ واضح مقصدن، اسٽريٽجڪ بصيرت، ٺوس هدفن ۽ نتيجن تي ٻڌل حڪمت عملي کي يقيني بڻايو وڃي.