نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي ملاقات

اسلام آباد- 22 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رابطن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي اجاگر ڪندي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي …

اسلام آباد- 22 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رابطن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي اجاگر ڪندي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. برطانوي هاءِ ڪمشنر آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ پاڪستان جي سهولتڪار ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ ان لاءِ حمايت کي ورجايو.