اسلام آباد- 22 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پهلگام فالس فليگ آپريشن کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر ڀارت اڄ تائين پنهنجي موقف جي حق ۾ ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو، فالس فليگ آپريشن ڀارت جي تاريخ آهي، پاڪستان پهلگام واقعي جي آزاداڻي جاچ ڪرائڻ جي آڇ ڪئي ته ڀارت ان کان ڊڄي ويو، عالمي سطح تي پهلگام واقعي …
پهلگام فالس فليگ آپريشن کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر ڀارت اڄ تائين پنهنجي موقف جي حق ۾ ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو: عطاءُالله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پهلگام فالس فليگ آپريشن کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر ڀارت اڄ تائين پنهنجي موقف جي حق ۾ ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو، فالس فليگ آپريشن ڀارت جي تاريخ آهي، پاڪستان پهلگام واقعي جي آزاداڻي جاچ ڪرائڻ جي آڇ ڪئي ته ڀارت ان کان ڊڄي ويو، عالمي سطح تي پهلگام واقعي بابت سوال اٿاريا ويا، جن جو ڀارت وٽ ڪوبه تسلي بخش جواب موجُود نه آهي، ڀارتي ميڊيا پهلگام واقعي تي صرف پروپيگنڊا ۽ من گھڙت بيانيي کي فروغ ڏنو، جنهن سان ان جو مڪرُوه چهرو پوري دنيا آڏو بي نقاب ڪيو. ڀارتي فوجي قيادت جا نئين آپريشن سنڌور جي باري ۾ تازا بيان اصل ۾ انهن جي ناڪامي ۽ شڪست جو اعتراف آهن، ڀارت کي اها ڳالهه واضح طور تي سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به قسم جي غلط ڪم جو ڀرپُور، فوري، موثر ۽ فيصلائتو جواب ايندو. پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ جي دفاع جي لاءِ مڪمل طور تي متحد آهي، سڄي قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستان کي ذلت آميز شڪست ڏني، پاڪستان جي فتح کي سڄي دنيا ڏٺو آهي، ڀارت اڃان تائين پنهنجا زخم سهلائي رهيو آهي، ان جي فريب ۽ کوکلي سوچ مڪمل طور تي بي نقاب ٿي چڪي آهي. پهلگام واقعو ڀارت جو آخري فالس فليگ آپريشن هو، ڀارت هاڻي ڪنهن به فالس فليگ آپريشن جي جرئت نه ڪري سگهندو. ڀارت پنهنجي ناڪام پاليسين جي ڪري عالمي سطح تي هيکلو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان پنهنجو امن مشن کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي. اربع ڏينهن ڀارت جي پهلگام فالس فليگ آپريشن 2025ع جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ 22 اپريل تي پهلگام فالس فليگ آپريشن کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي. هي واقعو هڪ اهڙي ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو جيڪا کوکلي پڻي، غير منطقي، ڪوڙي انا، هٺ، تڪبر ۽ لالچ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي اندروني معاملن کي ٻاهرين ۽ ٻاهرين معاملن کي اندروني طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان جو واضح مثال اهو آهي ته دهشتگردي ڀارت جو اندروني معاملو آهي جنهن کي هو ٻاهريون مسئلي ٺاهي پيش ڪري ٿو، جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار هڪ تسليم ٿيل عالمي مسئلو آهي، جنهن کي ڀارت اندروني معاملو قرار ڏئي ٿو، ڀارت جي کوکلي سوچ ۽ مڪاري پُوري طرح سامهُون اچي چُڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته فالس فليگ آپريشن ڀارت جي تاريخ رهيا آهن، ڀارت سدائين دهشتگردي جو فروغ ڏيندڙ ۽ پاڪستان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، پهلگام ۾ ڀارتي دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ شهرين سان همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف پهلگام فالس فليگ آپريشن جي آزاداڻي ۽ غير جانبدار جاچ جي آڇ ڪئي، اسان جي نيت ۽ عزم ٺيڪ هو، تنهن ڪري پاڪستان عالمي سطح تي غير جانبداراڻي ۽ منصفاڻي جاچ جي آڇ ڪئي ۽ ان جاچ کان ڀارت جو انڪار اها ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته اهو هڪ فالس فليگ آپريشن هو ۽ ڀارت وٽ ان جي جواب ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. اڄ تائين، ڀارت پهلگام واقعي بابت ڪوبه ٺوس ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي، نه ئي وري ڪي ثبوت فراهم ڪيا ويا آهي ۽ نه ئي ڪو مناسب جواب ملي سگهيو آهي. هن چيو ته پهلگام واقعي بابت ڪيترائي سوال پڻ اُٿيا، جن مان سڀ کان اهم اهو آهي ته واقعي جي فقط ڏهه منٽن اندر اندر ايف آءِ آر درج ڪئي وئي جاڪا ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته ايف آءِ آر جو متن اڳ ۾ ئي تيار هو. هن چيو ته پهلگام واقعي واري هنڌ ۽ پوليس اسٽيشن جي وچ ۾ گهڻو مفاصلو هو، جنهن کي نظر ۾ رکندي ايتري گهٽ وقت ۾ ايف آءِ آر جو درج ٿيڻ غير معمولي ۽ حيران ڪندڙ آهي، جيڪو ان پُوري معاملي جي اڳواٽ طئه هُجڻ جو تاثر ڏئي ٿو هو. هن وڌيڪ چيو ته نه رڳو عالمي ميڊيا پر ڀارت جي سول سوسائٽي، سياستدانن ۽ ٿنڪ ٽينڪس پڻ ان تي سنجيده سوال اٿاريا آهن. وفاقي وزير چيو ته سوال اهو به آهي ته واقعي جي وقت سيڪيورٽي انتظام ڇو ناڪافي هئا ۽ ڪنهن بنياد تي بنا ثبوت، شاهدين يا جاچ کانسواءِ فوري طور تي پاڪستان تي الزام هڻي ڇڏيو. هن چيو ته جڏهن پاڪستان شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي ته ڀارت ان جو تسلي جوڳو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو. وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح جي فالس فليگ آپريشنز ۽ ڪوڙن واقعن تي ٺاهيل بي بنياد ۽ من گھڙت پروپيگنڊا کي عالمي سطح تي قابل قبول بڻائڻ انتهائي ڏکيو هُوندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڀارتي حڪومت اڄ تائين ان معاملي تي هڪ موثر بيانيو جوڙڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن چيو ته اهو هڪ غلط ۽ هٿرادو آپريشن هو جنهن جي حق ۾ ڀارت نه ته ڪي اعتبار جوڳيُون شاهديُون پيش ڪري سگهيو ۽ نه ئي ٺوس ثبوت فراهم ڪيا ويا، هن چيو ته ڀارت غير مربوط ۽ خرب نمُوني سانان سڄي معاملي کي ترتيب ڏنو ۽ ان جا تضاد وقت گُذرڻ سان گڏوگڏ نمايان ٿيندا ويا، ڀارت اڄ تائين اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ته اهو فالس فليگ آپريشن نه هو ۽ نه ئي پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪي اهِڙا ثبوت پيش ڪري سگهيو آهي جيڪي ان جي دعوائن کي سگهه ڏيئي سگهن. عالمي سطح تي اڃان به ان واقعي بابت سوال اٿاريا پيا وڃن، جڏهن ته ڀارت وٽ انهن جا ڪي به اطمينان جوڳا جواب نه آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارتي ميڊيا پروپيگنڊه هٿيار طور جنهن انداز ۾ جنگي ماحول پيدا ڪيو ۽ ڪوڙيُون ۽ بي بنياد خبرون نشر ڪيون، ان سان عالمي سطح تي ان جو بدصورت چهرو بي نقاب ٿيو آهي. ڀارتي ميڊيا وٽ نه ڪي جامع شاهديُون هيُون ۽ نه ئي قابل اعتبار ثبوت، پر هُو صرف من گھڙت بياني کي فروغ ڏيندي رهي ۽ پنهنجي پروپيگنڊا جي حمايت ۾ ڪي به اثرائتا دليل پيش نه ڪري سگهي. هن چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته نه رڳو ڀارتي حڪومت پر ان جا مختلف رياستي ادارا به سياسي ۽ هندوتوا نظريي جو شڪار ٿيا، هُو سياسي بنيادن تي پنهنجا معاملا هلائيندا آهن، ان رويي جي ڪري اقليتن جا حق کسيا پيا وڃن، خاص طور تي هندستان ۾ مسلمانن تي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن کي بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اها صورتحال عالمي برادري لاءِ هڪ سنجيده سوال آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلسل موقف کي ورجائيندو آيو آهي ته ڀارت دهشتگردي کي رياستي پاليسي طور استعمال ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي به دهشتگردي جهڙن واقعن ۾ ملوث رهيو آهي. هن چيو ته مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ واقعن، خاص طور تي سک اڳواڻن جي قتل جهڙين سرگرمين جي حوالي سان سامهون ايندڙ ثبوت ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته ڀارتي رياست انهن معاملن ۾ ملوث ڏٺي وئي آهي ۽ ان جا ناقابل ترديد ثبوت به موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان وٽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجُود آهن، جن کي وقت به وقت عالمي برادري ۽ عالمي ميڊيا سان شيئر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جعفر ايڪسپريس واقعي، خضدار ۾ پيش ايندڙ واقعي سميت ٻين دهشتگردي جي ٻين واقعن ۾ ڀارت جي ڪردار جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي چئلينجن کي ڀرپُور نموُني منهن ڏئي رهيو آهي، ڀارت کي جهڙي طرح معرڪه حق دوران آپريشن بنيان مرصوص ۾ شڪست کي منهن ڏسڻو پيو، اهڙي نموني دهشتگردي جي پاليسي ۾ پُڻ ناڪامي کي منهن ڏسڻو پوندو. هن چيو ته ڀارت جي رياستي سرپرستي واري دهشتگردي جا ثبوت پاڪستان نه رڳو گڏيل قومن جي سامهون پر مختلف عالمي ادارن جي سامهون پُڻ پيش ڪيا آهن. اهي ثبوت وقت بوقت عالمي ميڊيا سان شيئر ٿيندا رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف نه رڳو پرعزم آهي پر عملي طور تي قدم به جاري رکيو اچي. سڄي قوم ان عزم تي متفق آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتمو ڪيو ويندو ۽ اهو مقصد حاصل ڪرڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، وقار ۽ سلامتي تي ڪنهن ه قسم جو ٺاهه نه ڪندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمُورا ضروري قدم جاري رکيا ويندا. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جُون ڪامياب ڪاررواين قربانين کي سڄي دنيا ڏسي رهي آهي، پاڪستان هن جنگ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڀارتي عسڪري قيادت جا نئين آپريشن سنڌور بابت تازا بيان اصل ۾ انهن جي ناڪامي ۽ شڪست جو اعتراف آهن، جنهن طريقي سان آپريشن سنڌور ٻه جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هُو پنهنجي شڪست جو اعتراف ڪري چُڪا آهن. وفاقي وزير چيو ته ڀارت کي اها ڳالهه واضح طور تي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته ڪنهن به قسم جي غلط ڪم جو ڀرپُور، فوري، اثرائتي ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. معرڪه حق ۾ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ڀارت کي ذلت آميز شڪست ڏني ۽ پاڪستان جي فتح کي سڄي دنيا ڏٺو آهي، پاڪستان کي پنهنجي فتح تي فخر ۽ ناز آهي. اڄ ڀارت اڪيلائي جو شڪار آهي ۽ الله تعاليٰ پاڪستان کي عزت ڏني آهي. سڄي دنيا ۾ پاڪستان امن جي علامت طور سامهُون آيو آهي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان کي عزت ملي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ سڄي دنيا پاڪستان کي قدر، عزت ۽ وقار سان ڏسي رهي آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي به خراج تحسين پيش ڪري رهي آهي. ٻئي طرف، ڀارت پنهنجي ناڪام پاليسين جي ڪري عالمي اڪيلائي جو شڪار ٿي چڪو آهي، دنيا ڏسي رهي آهي ته ڀارت آهستي آهستي غير لاڳاپيل ٿيندو پيو وڃي جڏهن ته پاڪستان امن جو مشن کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، جيڪو پوري قوم لاءِ فخر ۽ اعزاز جو لمحو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ملڪ جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي متحد آهي، پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن ان عزم کي ورجايو ته وطن جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، ملڪ جي دفاع لاءِ اسان متحد آهيون، پوري قوم ۽ حڪومت پنهنجي فوج سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وفاقي وزير چيو ته 22 اپريل تي ڀارت پهلگام ۾ فالس فليگ آپريشن ڪيو ۽ ان واقعي جي آڙ ۾ ڀارت آپريشن سنڌور ڪيو، جنهن جو پاڪستاني فوج ڀرپور جواب ڏنو. معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان مرصُوص ۾ ڀارت کي وڏي شڪست ملي. اڳتي اهي اهڙي جرئت نه ڪندا ته ڪو فالس فليگ آپريشن ڪن. اهو انهن جو آخري فالس فليگ آپريشن هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هر اهو قدم کڻندو جيڪو پاڪستان جي دفاع لاءِ ضروري آهي. ڀارت کي جهڙي نموني سان بُري شڪست ڏني، هاڻي اُن اها جرئت نه ٿيندي ته هُو اڳتي ڪو اهڙو قدم ٻيهر کڻي سگهي. الله تعاليٰ معرڪه حق ۾ پاڪستان کي ڪاميابي عطا فرمائي. اهو هڪ اهڙو تمغو آهي جيڪو پوري قوم سدئاني پنهنجي سيني تي سجائي رکندي. ڀارت اڄ به پنهنجا زخم سهلائي رهيو آهي ۽ پاڪستان دنيا ۾ هڪ روشن ستارو بڻجي سڄي دُنيا ۾ چمڪي رهيو آهي. الله تعاليٰ پاڪستان جو سدائين خير ڪري. پاڪستان سدائين زنده باد.











