اسلام آباد - 22 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ، ٻيلن جي تحفظ، پاڻي جي بچت ۽ قابل تجديد توانائي جي فروغ جي لاءِ پاليسين کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صاف سٿرو ۽ سرسبز پاڪستان نه رڳو هڪ ضرورت آهي پر اسان جو اهو فرض آهي جيڪو اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ ادا ڪرڻو …
صدر پاران موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ، ٻيلن جي تحفظ، پاڻي جي بچت ۽ قابل تجديد توانائي جي فروغ جي لاءِ پاليسين کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ، ٻيلن جي تحفظ، پاڻي جي بچت ۽ قابل تجديد توانائي جي فروغ جي لاءِ پاليسين کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صاف سٿرو ۽ سرسبز پاڪستان نه رڳو هڪ ضرورت آهي پر اسان جو اهو فرض آهي جيڪو اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ ادا ڪرڻو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڌرتيءَ جي عالمي ڏهاڙي (ڌرتيءَ ماءُ جي ڏهاڙي) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي زمين جي تحفظ ۽ قدرتي وسيلن کي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ بنائڻ جي گڏيل ذميواري جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستان انهن درپيش ماحولياتي چئلينجز کان چڱي ريت آگاهه آهي جن ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان وٺي اسان جي قدرتي ماحولياتي نظام جي ڪمزوري ۽ قدرتي ٻوڏ کان وٺي مٽيءَ جي ڇپن تائين شامل آهن. صدر چيو ته بحيثيت هڪ قوم اسان ٻوڏ، سوڪهڙي ۽ شديد موسمي حالتن جي تباهي آڻيندڙ نتيجن جو مشاهدو ڪيو آهي، اها رڳو ايندڙ خطرا نه آهن پر موجوده حقيقتون آهن جيڪي اسان جي عوام جي زندگين ۽ روزگار کي سڌوسنئون متاثر ڪن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ منهنجو ويزن سدائين پائيدار ترقي ۽ ماحولياتي تحفظ جي اصولن تي ٻڌل رهيو آهي، منهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام جهڙا قدم جن ۾ وڻڪاري جي وسيع مهم شامل هئي، هڪ سرسبز پاڪستان جي لاءِ اسان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. صدر چيو ته اسان کي انهن ڪوششن کي بنياد بڻائيندي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ، ٻيلن جي تحفظ، پاڻي جي بچت ۽ قابل تجديد توانائي جي فروغ جي لاءِ پنهنجي پاليسين کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته آئون ان مقصد جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو ۽ هر شهري، ڪميونٽي ۽ اداري کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اچو اسان کان وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ، پلاسٽڪ جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ، پائيدار طريقن کي اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي نوجوانن کي ماحولياتي تحفظ جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ جو وچن ڪريون. صدر آصف علي زرداري چيو ته هڪ صاف سٿرو ۽ سرسبز پاڪستان نه رڳو هڪ ضرورت آهي پر اسان جو اهو فرض آهي جيڪو اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان گڏجي هڪ اهڙي خوشحال قوم جي تعمير ڪري سگهون ٿا جيڪا فطرت سان هم آهنگ هجي، اچو اسان گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته پاڪستان خوبصورتي، خوشحالي ۽ اميد جي سرزمين جو استعارو بڻجي.











