وفاقي آئيني عدالت پاران 22 اپريل تي عدالتي ڪم معطل ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت 22 اپريل 2026ع تي عدالتي ڪم معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. عدالت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب ريڊ زون جي بندش سبب وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ عدالتي ڪارروايون نه ٿينديون، جنهن کي نظر ۾ رکندي 22 اپريل جي ڪاز لسٽ به رد ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي، چُرپر ۽ حرڪت بابت پابندين سبب …

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت 22 اپريل 2026ع تي عدالتي ڪم معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. عدالت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب ريڊ زون جي بندش سبب وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ عدالتي ڪارروايون نه ٿينديون، جنهن کي نظر ۾ رکندي 22 اپريل جي ڪاز لسٽ به رد ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي، چُرپر ۽ حرڪت بابت پابندين سبب جج ۽ عملي جي عدالت تائين پهچ ممڪن ناهي، تنهنڪري عدالتي معاملا معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالتي عملي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو گهر مان دفتري معاملا انجام ڏين ته جيئن ضروري ڪم جاري رکي سگهجي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته عدالت جون برانچ رجسٽريون ملڪ جي ٻين شهرن ۾ معمول مطابق کُليل رهنديون ۽ اتي دفتري معاملا جاري رهندا.

مزید خبریں