اسلام آباد - 21 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسلام آباد امن ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت بابت ايران پاران اڃا تائين باضابطا جواب ناهي مليو، پاڪستان بطور ثالث ايراني عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، جنگبندي جي پڄاڻي کان اڳ ايران جو ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت جو فيصلو انتهائي اهم آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي …
اسلام آباد امن ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت بابت ايران پاران اڃا تائين باضابطا جواب ناهي مليو، جنگبندي جي پڄاڻي کان اڳ ايران جو ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت جو فيصلو انتهائي اهم آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسلام آباد امن ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت بابت ايران پاران اڃا تائين باضابطا جواب ناهي مليو، پاڪستان بطور ثالث ايراني عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، جنگبندي جي پڄاڻي کان اڳ ايران جو ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت جو فيصلو انتهائي اهم آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اڱاري ڏينهن پاڪستان جي معياري وقت ساڍي 7 وڳي تائين جي صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو ته اسلام آباد امن ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت جي لاءِ وفد جي تصديق بابت ايران پاران باضابطا جواب جو انتظار آهي. پاڪستان بطور ثالث ايران سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه جي راهه تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته جنگبندي 22 اپريل تي پاڪستان جي معياري وقت موجب صبح 4 لڳي 50 منٽن تي ختم ٿي رهي آهي ۽ ٻن هفتن جي جنگبندي جي پڄاڻي کان اڳ ڳالهه ٻولهه ۾ شرڪت بابت ايران جو فيصلو انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان ايراني قيادت کي ڳالهه ٻولهه جي ٻئي دور ۾ شرڪت تي راضي ڪرڻ جي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ اهي ڪوششون جاري آهن.











