جاگرافيائي سياسي چئيلنجز ۽ عالمي معاشي دٻاءُ باوجود پاڪستان جا بنيادي اهڃاڻ ترتيبوار بهتر ٿي رهيا آهن: خرم شهزاد

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته جاگرافيائي سياسي چئيلنجز ۽ عالمي معاشي دٻاءُ باوجود پاڪستان جا بنيادي اهڃاڻ ترتيبوار بهتر ٿي رهيا آهن، سڌارن جي حوالي سان قدمن، وڌندڙ سيڙپڪاري ۽ عالمي اعتماد سان ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي رهي آهي ته پاڪستان مستحڪم ۽ اُسرندڙ معيشت طرف گامزن آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته …

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته جاگرافيائي سياسي چئيلنجز ۽ عالمي معاشي دٻاءُ باوجود پاڪستان جا بنيادي اهڃاڻ ترتيبوار بهتر ٿي رهيا آهن، سڌارن جي حوالي سان قدمن، وڌندڙ سيڙپڪاري ۽ عالمي اعتماد سان ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي رهي آهي ته پاڪستان مستحڪم ۽ اُسرندڙ معيشت طرف گامزن آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۽ سفارتي سرگرمين ۾ ويجهڙ مهينن دوران نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي، جنهن سان اهو تاثر مضبوط ٿي رهيو آهي ته ملڪ ترتيبوار استحڪام ۽ ترقي جي رُخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، مختلف معاشي اهڃاڻ، سيڙپڪاري جي رجحانن ۽ عالمي سطح تي وڌندڙ اعتماد سان ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي رهي آهي ته سڌارن ۽ پاليسي وارن قدمن جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ويجهڙ ۾ علائقائي ۽ سفارتي ميدان ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين ۾ ميزبان ۽ ٽياڪڙيءَ طور پاڪستان جي شموليت ملڪ کي عالمي سطح تي هڪ ذميوار ۽ اعتماد جوڳي ڀائيوار طور تي متعارف ڪرايو آهي، اهي سفارتي سرگرميون نه صرف علائقائي امن لاءِ اهم آهن پر معاشي اعتماد وڌائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي رهيون آهن. هن چيو ته معاشي محاذ تي هڪ اهم اڳڀرائي ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو هاڪاري هئڻ آهي. مارچ 2026ع ۾ اٽڪل 1.07 ارب ڊالرن جو سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ مجموعي طور تي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ۾ اچي ويو آهي، اها تبديلي پرڏيهي ادائگين جي توازن ۾ استحڪام جي علامت آهي ۽ ان سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن تي سٺا اثر جڙندا. خرم شهزاد چيو ته پاڪستان ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ به تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي، مارچ ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ 163 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ مجموعي سيڙپڪاري 1.35 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي، ان سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ ڪاروباري ماحول جي بهتر هئڻ جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ٽيڪنالاجي جو شعبو پڻ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ مارچ 2026ع ۾ آءِ ٽي روانگي واپار ملڪي تاريخ ۾ ٻي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، مالي سال 2026ع جي پڄاڻيءَ تائين آءِ ٽي روانگي واپار 4.5 ارب ڊالرن تائين پهچي سگهي ٿي. ان سان گڏوگڏ عالمي اِي ڪامرس ۽ فِن ٽيڪ ڪمپنين جي دلچسپي پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهي آهي. خرم شهزاد چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران ڏيهه موڪليل ناڻي ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو 30.3 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو، جڏهن ته سال جي پڄاڻيءَ تائين اهو ڳاڻيٽو 41 ارب ڊالرن کان وڌڻ جي اميد آهي. پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو معيشت لاءِ هڪ مضبوط سهارو ثابت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ پڻ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. فيبروري 2026ع ۾ صنعتي پيداوار ۾ ساليانو بنيادن تي 6.5 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار جي مجموعي اؤسر جي شرح 5.9 سيڪڙو رهي، ان بهتريءَ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ ۽ معاشي سرگرمين ۾ تيزي اچڻ جي اميد آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان نجڪاريءَ جي عمل کي به تيز ڪيو پيو وڃي، قومي ايئر لائن جي نجڪاريءَ کان پوءِ توانائي جي شعبي جي ڪمپنين ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي نجڪاري جا مرحلا جاري آهن. عالمي مالياتي ادارن ۽ ڀائيوار ملڪن جو پاڪستان تي اعتماد برقرار آهي. سعودي عرب پاڪستان کي 3 ارب ڊالرن جا اضافي ذخيرا فراهم ڪيا جڏهن ته 5 ارب ڊالرن جي قرض کي 2028ع تائين رول اوور ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان مستحڪم آئوٽ لُڪ برقرار رکيو آهي، جيڪو سيڙپڪارن جي اعتماد لاءِ هاڪاري اشارو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ويجهڙ ۾ سعودي عرب، قطر، مصر ۽ ترڪيه سميت اهم ملڪن جا دورا ڪيا آهن، جن جو مقصد واپاري رابطن کي مضبوط بنائڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي. اهڙيءَ طرح ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس جي موقعي تي آمريڪا، سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن ۽ عالمي مالياتي ادارن جي عهديدارن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون. اسٽريٽجڪ سفارتڪاري معاشي ترقيءَ لاءِ هڪ اهم ٿنڀ بڻجندو پيو وڃي. هن چيو ته خطي ۾ جاگرافيائي سياسي چئيلنجز ۽ عالمي معاشي دٻاءُ باوجود پاڪستان جا بنيادي اهڃاڻ ترتيبوار بهتر ٿي رهيا آهن. سڌارن جي حوالي سان قدم، وڌندڙ سيڙپڪاري ۽ عالمي اعتماد سبب اهو تاثر مضبوط ٿي رهيو آهي ته پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ اُسرندڙ معيشت طرف گامزن آهي.

مزید خبریں