اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪامران ٽيسوري جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهارڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته والده جهڙي عظيم هستي جو لاڏاڻو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي هن، مرحومه جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته هو ڏک جي …
سيد يوسف رضا گيلاني پاران سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪامران ٽيسوري جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪامران ٽيسوري جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهارڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته والده جهڙي عظيم هستي جو لاڏاڻو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي هن، مرحومه جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ ڪامران ٽيسوري ۽ سندس گهرڀاتين سان برابر جو شريڪ آهي. سينيٽ چيئرمين، دعا ڪئي ته الله تعالي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام ۽ پوئينرن کي صبر عطافرمائي.











