اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سمورن عالمي چئلينجز باوجود صحت واري وزارت، ڊريپ ۽ فارماسيوٽيڪل انڊسٽري سان گڏجي اثرائتا ۽ وقت سر قدم کنيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ دوائن جي بنا رنڊڪ فراهميءَ کي يقيني بڻايو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن موجوده جنگي حالتن جي روشنيءَ ۾ دوائن جي دستيابي بابت هڪ اهم اجلاس ۾ …
صحت واري وزارت، ڊريپ ۽ فارماسيوٽيڪل انڊسٽري وقت سر قدمن سان دوائن جي بنا رنڊڪ فراهميءَ کي يقيني بڻايو: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سمورن عالمي چئلينجز باوجود صحت واري وزارت، ڊريپ ۽ فارماسيوٽيڪل انڊسٽري سان گڏجي اثرائتا ۽ وقت سر قدم کنيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ دوائن جي بنا رنڊڪ فراهميءَ کي يقيني بڻايو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن موجوده جنگي حالتن جي روشنيءَ ۾ دوائن جي دستيابي بابت هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ دوائن جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ سپلاءِ چين کي مستحڪم رکڻ لاءِ جامع حڪمت عمليءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فارماسيوٽيڪل ۽ ميڊيڪل ڊوائيسز انڊسٽريءَ جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ايم آر آءِ مشينن ۾ استعمال ٿيندڙ هيليم گيس جي دستيابي جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو ته جيئن طبي سهولتن جي فراهميءَ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه اچي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته سمورن عالمي چئلينجز باوجود صحت واري وزارت، ڊريپ ۽ فارماسيوٽيڪل انڊسٽري سان گڏجي اثرائتا ۽ وقت سر قدم کنيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ دوائن جي بنا رنڊڪ فراهميءَ کي يقيني بڻايو ويو. هن ٻُڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ 5 کان 6 مهينن لاءِ دوائن جو وڏو ذخيرو موجود آهي ۽ موجوده عالمي حالتن باوجود عوام کي دوائن جي دستابيءَ جي حوالي سان ڪنهن قسم جي پريشاني کي مُنهن ڏيڻو نه پوندو. مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته صحت واري وزارت ۽ ڊريپ دوائن جي بنا رنڊڪ فراهميءَ کي يقيني بنائڻ لڳاتار سخت نگراني ڪري رهي آهي جڏهن ته حڪومت صحت جي بنيادي سهولتن جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته گڏيل رابطن کي وڌيڪ مؤثر بنايو وڃي ۽ سپلاءِ چين کي مستحڪم رکڻ لاءِ اڳواٽ وارا قدم جاري رکيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به امڪاني چئلينج جو وقت سر ۽ اثرائتي انداز سان مقابلو ڪري سگهجي.











