اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته ٻنپهرن جي وقت ۾ موسم گرم رهندي، جڏهن ته اولهه / هيٺانهين خيبر پختونخوا ۽ اتر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته ٻنپهرن جي وقت ۾ موسم گرم رهندي، جڏهن ته اولهه / هيٺانهين خيبر پختونخوا ۽ اتر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ گرم رهي، اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد دادو ۾ 44، جيڪب آباد، روهڙي، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











