سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1000 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1000 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 5 لک 1 هزار 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 5 لک 1 هزار 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 857 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 29 هزار 665 رپين مان گهٽجي 4 لک 28 هزار 808 رپيا ٿي وئي. جڏهن …

اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1000 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 5 لک 1 هزار 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ هڪ هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 5 لک 1 هزار 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 857 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 29 هزار 665 رپين مان گهٽجي 4 لک 28 هزار 808 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 93 هزار 873 رپين مان گهٽجي 3 لک 93 هزار 088 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت59 رپين جي گهٽجي سان 8358 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 51 رپين جي گهٽجي سان 7165 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4788 ڊالرز مان گهٽجي 4778 ڊالرز ٿي وئي آهي.

مزید خبریں