اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد کي عالمي معيار جو شهر بنائڻ لاءِ ڪيترن ئي وڏن ۽ اهم ترين فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي رٿائن ۽ مستقبل جي حڪمت عمليءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. …
گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس، اسلام آباد کي عالمي معيار جو شهر بنائڻ جو مشن، مارگله جي دامن ۾ نئون پارڪ ۽ فائيو اسٽاف هوٽلز جي تعمير جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد کي عالمي معيار جو شهر بنائڻ لاءِ ڪيترن ئي وڏن ۽ اهم ترين فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي رٿائن ۽ مستقبل جي حڪمت عمليءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. گهرو وزير واضح ڪيو ته حڪومت جو مقصد اسلام آباد کي هڪ مثالي شهر ۾ تبديل ڪرڻ آهي، جتي شهرين کي عالمي معيار جون جديد سهولتون ۽ تفريحي موقعا ميسر هجن. ان مشن تحت مارگله پهاڙي ويجهو هڪ هزار ايراضيءَ تي ٻَڌل هڪ وسيع ۽ جديد پارڪ تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو شهر جي خوبصورتي ۽ ماحوليات ۾ اهم واڌ ثابت ٿيندو. ان سان گڏوگڏ گهرو وزير سياحت ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ”زيرو ٽيڪس“ تي ٻَڌل نئين هوٽل پاليسي جوڙڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان پاليسيءَ تحت عالمي معيار جي فرمز سان گڏيل منصوبن ذريعي نوان فائيو اسٽار هوٽلز تعمير ڪيا ويندا، جڏهن ته اي او بي آءِ جي سهڪار سان تعمير هيٺ هوٽل جي منصوبي تي اڳڀرائيءَ جو پڻ جائزو ورتو ويو. انتظامي سڌارن جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد جي سموري ايراضي ۽ جائيدادن جو سروي آف پاڪستان ذريعي مڪمل سروي ڪرايو ويندو. سي ڊي اي جي سموري نظام ۽ ڊيٽا کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت ون ونڊو آپريشن تي هڪ ڊجيٽل ڊيش بورڊ متعارف ڪرايو ويندو. اداره جاتي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ سي ڊي اي ۾ غير ضروري آسامين کي ختم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته جيئن عوامي وسيلن کي بهتر استعمال يقيني بڻائي سگهجي. شهر جي سيڪيورٽي ۽ هنگامي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪيپيٽل ايمرجنسي سروسز جو ڪنٽرول روم ”سيف سٽي“ ۾ منتقل ڪيو ويندو، جنهن سان سمورا حفاظتي انتظام هڪ ئي مرڪز سان مربوط هوندا. ان کان علاوه سي ڊي اي جي آئينده سمورين نيلامين لاءِ پروفيشنل مارڪيٽ ٽيمون مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ته جيئن وڏن سيڙپڪارن کي شفاف طريقي سان واڪ ۾ شرڪت طرف راغب ڪري سگهجي. اجلاس ۾ سي ڊي اي جو چيئرمين سهيل اشرف، ميمبر ۽ ٻيڻ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











