اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف سنڌُور آپريشن ۾ بدترين شڪست جو اعتراف ڪيو آهي. سندور آپريشن ۾ عبرتناڪ شڪست لِڪائڻ جي ناپاڪ ڪوشش طور تي ڀارتي چيف آف اسٽاف کِل جوڳا بيان ڏئي رهيو آهي. تفصيل موجب ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جي غير پُراعتماد باڊي لينگوئج ۽ گهٻراهٽ واري آواز شڪست کاڌل ذهنيت ظاهر ڪري ٿي. ڀارت جي چيف آف ڊفينس …
ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف پاران سنڌُور آپريشن ۾ بدترين شڪست جو اعتراف

مزید خبریں
اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف سنڌُور آپريشن ۾ بدترين شڪست جو اعتراف ڪيو آهي. سندور آپريشن ۾ عبرتناڪ شڪست لِڪائڻ جي ناپاڪ ڪوشش طور تي ڀارتي چيف آف اسٽاف کِل جوڳا بيان ڏئي رهيو آهي. تفصيل موجب ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جي غير پُراعتماد باڊي لينگوئج ۽ گهٻراهٽ واري آواز شڪست کاڌل ذهنيت ظاهر ڪري ٿي. ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف انيل چوهان سنڌُور آپريشن ۾ شڪست لِڪائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته ايندڙ چئلينجز مختلف هوندا، اسان کي پهرين سنڌُور کي وِساري هاڻ ايندڙ سنڌُور جي تياري ڪرڻ گهرجي. ڀارت جي چيف آف اسٽاف شڪست جو ذميوار ٽيڪنالاجي کي قرار ڏنو ۽ نئين ٽيڪنالاجي کي واحد قرار ڏيڻ هرگز حقيقت پسنداڻو مؤقف ناهي. ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جو پنهنجي شرمندگي مٽائڻ لاءِ ٽراءِ سروسز هم آهنگي بهتر بنائڻ جي ڳالهه ڪرڻ اصل ۾ شڪست جو کُليل اعتراف آهي. ماهرن موجب نئين سنڌُور جي ڳالهه دراصل ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته ماضيءَ جي شڪست ۽ بوکلاهٽ کي پُٺتي وجهڻ جي ڪوشش جاري آهي. فني رُخن ۽ ٽيڪنالاجي جي آڙ ۾ غير اثرائتي ڪارڪردگي کي لِڪائڻ جي ڪوشش هڪ غير پيشيوراڻو، شرمناڪ ۽ بزدلاڻو طرزِ عمل آهي. ڀارتي زميني، سامونڊي ۽ فضائي فوج ۾ اثرائتي هم آهنگي جو فقدان ئي سنڌُور آپريشن ۾ ڀارت جي تاريخي بدناميءَ جو سبب بڻيو. ڀارت عالمي اڪيلائيءَ جو شڪار آهي، ان لاءِ ان نوعيت جا بيان پاڻ کي سٺو ڏيکارڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهن. اهڙن بيانن مان واضح ٿئي ٿو ته ڀارت سنڌُور آپريشن جي شڪست کان ڪو سبق ناهي سکيو پر ڪنهن به اڳرائي جو جواب پاڪستان طرفان انتهائي سخت، اثرائتو ۽ فيصلائتو هوندو.











