لاڙڪاڻو-21 اپريل (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن تحت لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪاروايون جاري آهن، لاڙڪاڻو پوليس مختلف هنڌن تان 16 جوابدارن کي هٿيارن ۽ منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو. تعلقا پوليس سليمان نالي جوابدار کي بنا لائسنس پستول ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. سچل پوليس منشيات فروش جوابدارن رياض احمد جت، مراد جتوئي ۽ عبدالحفيظ چنو کي 51 …
لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون جاري،16 جوابدارن گرفتار، هٿيارن ۽ منشيات هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-21 اپريل (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن تحت لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪاروايون جاري آهن، لاڙڪاڻو پوليس مختلف هنڌن تان 16 جوابدارن کي هٿيارن ۽ منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو. تعلقا پوليس سليمان نالي جوابدار کي بنا لائسنس پستول ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. سچل پوليس منشيات فروش جوابدارن رياض احمد جت، مراد جتوئي ۽ عبدالحفيظ چنو کي 51 ڪلو کان وڌيڪ ڀنگ ۽ لوڊر رڪشا سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. عاقل پوليس قتل ڪيس ۾ ملوث ۽ اشتهاري جوابدار نادر عرف مسڪين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. باڊهه پوليس ٽن اشتهاري جوابدارن رياض، علي حيدر ۽ محمد قاسم کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻي ڪاروائي ۾ باڊهه پوليس دڙا ڦاٽڪ واري علائقي مان نادر عرف نديم نالي جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي. وارث ڏنو ماڇي پوليس اسد نالي اشتهاري جوابدار سميت منشيات فروش جوابدار عبدالجبار بوسڻ کي منشيات شراب سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ڳيريلو پوليس گهربل جوابدار محمد علي ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. وليد پوليس نظر محمد، صدام ۽ الله ڏنو نالي ٽن جوابدارن کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. رحمت پور پوليس سوشل ڪرائيم ۾ ملوث نشان نالي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.











