اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه محمد اقبال کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته علامه اقبال مسلمان امت کي خودي، بيداري ۽ عمل جو پيغام ڏنو ۽ اڄ به ان ئي پيغام کي اختيار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته اقبال جي فڪر جو بنيادي …
علامه اقبال مسلمان امت کي خودي، بيداري ۽ عمل جو پيغام ڏنو: وفاقي گهرو وزير

مزید خبریں
اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه محمد اقبال کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته علامه اقبال مسلمان امت کي خودي، بيداري ۽ عمل جو پيغام ڏنو ۽ اڄ به ان ئي پيغام کي اختيار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته اقبال جي فڪر جو بنيادي نقطو مسلمان امت جو اتحاد هو، هو مسلمانن کي رنگ، نسل ۽ ٻولين کان مٿانهون ڏسڻ چاهي پيو. اقبال جي نظر ۾ مسلمان هڪ جسم جيئان آهن، جن جي طاقت انهن جي گڏيل اتحاد، اخوت ۽ گڏيل مقصد ۾ لڪل آهي. علامه اقبال مسلمانن کي احساس ڏياريو ته غلامي تقدير ناهي پر ڪمزوري آهي، جنهن کي خودي ۽ عمل سان بدلائي سگهجي ٿو. محسن نقوي چيو ته خطبه الهه آباد ۾ اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ رياست جو تصور پيش ڪيو جيڪو بعد ۾ حقيقت بڻيو. اقبال نوجوانن کي شاهين قرار ڏيندي کين بلند اڏام، خودي ۽ مسلسل جدوجهد جو درس ڏنو. علامه اقبال جي نظر ۾ نوجوان ئي قوم جو اصل سرمايو آهن، جيڪي پنهنجين صلاحيتن سان تاريخ جو رخ مٽائڻ جي طاقت رکن ٿا. هن چيو ته اقبال جي شاعري رڳو لفظ ناهن پر هڪ انقلابي پيغام آهي جيڪا مسلمان امت کي جاڳائڻ جو ذريعو بڻي. اڄ جي دور ۾ جڏهن مسلمان فرقيواريت ۽ گڏيل انتشار جو شڪار آهن، اقبال جو پيغام اتحاد ۽ خودي جو غير معمولي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، اسان کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين کي علامه اقبال جي فڪري تربيت جي روشني ۾ تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي. علامه اقبال جي نظرين جي روشني ۾ امن، برابري ۽ اتحاد جي بنيادن تي قائم پاڪستان ئي اسان جو مستقبل آهي. محسن نقوي چيو ته اڄ اسان سڀني کي اقبال جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ ان تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي، اچو ته عهد ڪيون ته اقبال جي فڪر کي پنهنجي قومي پاليسي جي ترجيحن ۽ اجتماعي طرز فڪر جو حصو بڻايون.











