علامه اقبال مسلمانن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ منزل جو شعور عطا ڪيو: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين

اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان شاعر مشرق، مفڪر پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي 88هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ عظيم فڪري سرمايو آهي جنهن جي شاعري ۽ فلسفو اڄ به قومن جي رهنمائي جو ذريعو آهي. هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي فڪر ذريعي غلامي جي …

اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان شاعر مشرق، مفڪر پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي 88هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ عظيم فڪري سرمايو آهي جنهن جي شاعري ۽ فلسفو اڄ به قومن جي رهنمائي جو ذريعو آهي. هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي فڪر ذريعي غلامي جي اونداهي ۾ اميد جي شمع روشن ڪئي ۽ مسلمانن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ منزل جو شعور ڏنو. هن چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي تعليم ۾ خودي، يقين ۽ عمل جو درس ملي ٿو. هو اڄ جي نوجوانن لاءِ مشعل راه آهي. هن ان ڳالهه  تي زور ڀريو ته نئين نسل کي اقبال جي پيغام کي سمجهي پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻڻ گهرجن ته جيئن هو ملڪ، قوم جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن. سيدال خان چيو ته علامه اقبال جو تصور هڪ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ تي ٻڌل هو جتي انصاف، برابري ۽ انساني وقار کي بنيادي حيثيت حاصل هجي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ اقبال جي فڪر کي عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن اسان هڪ مضبوط، خودمختيار ۽ خوشحال رياست جو بنياد رکي سگهون. هن چيو ته قومي ادارن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پنهنجي پاليسين ۽ قدمن ۾ اقبال جي نظرين کي نظر ۾ رکن. هن چيو ته اتحاد، هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي وٺائڻ لاءِ اقبال جي فڪر مان رهنمائي وٺڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي قوم جي حيثيت سان اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته اسان علامه اقبال جي فڪر کي پنهنجي اجتماعي ۽ انفرادي زندگين جو حصو بڻائينداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي اقبال جي پيغام کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مزید خبریں