اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي، ته علامه اقبال جي تعليم پاڻ تي ڀاڙڻ، ڪردار سازي ۽ مسلسل جدوجهد جو جامع درست ڏئي ٿي جيڪو اڄ به قومي ترقي لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. گذريل ڏينهن شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي ورسي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اقبال جو فڪر نئين نسل …
علامه اقبال جي تعليم پاڻ تي ڀاڙڻ، ڪردار سازي ۽ مسلسل جدوجهد جو درس ڏئي ٿي: سردار اويس احمد لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي، ته علامه اقبال جي تعليم پاڻ تي ڀاڙڻ، ڪردار سازي ۽ مسلسل جدوجهد جو جامع درست ڏئي ٿي جيڪو اڄ به قومي ترقي لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. گذريل ڏينهن شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي ورسي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اقبال جو فڪر نئين نسل لاءِ عزم، حوصلي ۽ بلند مقصد جي تعين جو روشن مينار آهي. علامه اقبال نوجوانن کي نه رڳو خواب ڏسڻ پر انهن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جو هنر به سيکاريو جيڪو ڪنهن به قوم جي ترقي لاءِ تمام ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته تعليم ۽ ڪردار سازي اقبال جي فلسفي جو بنيادي ٿنڀ آهي جڏهن ته خودي جو شعور قومن کي بلندين تائين پهچائي ٿو. هن زور ڀريو ته اڄ درپيش چئلينجز جو پائيدار حل به اقبال جي فڪر ۾ لڪل آهي. سردار اويس لغاري چيو ته هڪ مضبوط، خودمختيار ۽ ترقي يافته پاڪستان جو بنياد اقبال جي نظريات تي عمل پيرا ٿيڻ سان ئي ممڪن آهي. اهو ئي رستو آهي جيڪو اسان کي قومي استحڪام ۽ خوشحالي ڏانهن وٺي وڃي ٿو.











