ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جو سکر جو دورو، روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گرڊيشن جو افتتاح

سکر-21 اپريل (اي پي پي) ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سکر جي دوري تي پهچي ويو، اڱاري ڏينهن ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏجي سنڌ جي تاريخي ريلوي اسٽيشن روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گرڊيشن جو افتتاح ڪيو. ان سلسلي ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي. ريلوي چيئرمين سيد مظهر علي، ڊي ايس ريلوي سکر فرمان غني ۽ ٻيا آفيسر …

سکر-21 اپريل (اي پي پي) ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سکر جي دوري تي پهچي ويو، اڱاري ڏينهن ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏجي سنڌ جي تاريخي ريلوي اسٽيشن روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گرڊيشن جو افتتاح ڪيو. ان سلسلي ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي. ريلوي چيئرمين سيد مظهر علي، ڊي ايس ريلوي سکر فرمان غني ۽ ٻيا آفيسر به تقريب ۾ شريڪ هئا. ڊي ايس ريلوي سکر فرمان غني تقريب کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته روهري اسٽيشن 1878ع ۾ ٺهي ۽ 1890ع ۾ ان کي فنڪشنل ڪيو ويو. بدقسمتي سان هتي شروع کان ئي سهولتن جو فقدان رهيو آهي. هاڻ روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. اهو منصوبو 1300 ملين رپين کان وڌيڪ جو آهي، منصوبي ۾ 40 سيڪڙو شيئر سنڌ حڪومت ۽ 60 سيڪڙو وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي به روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي پيڙ جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو نشان شينهن آهي ۽ سندس دل به شينهن جهڙي آهي، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دلچسپي سان سڀ ڪجهه ممڪن ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تي ملڪ کي فخر آهي ۽ پاڪستان هڪ قوم جي حيثيت سان هميشه گڏ بيٺو آهي.. وفاقي وزير چيو ته ايم ايل ون منصوبي ۾ بلاول ڀٽو زرداري به شريڪ ٿيندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايم ايل ون منصوبو 480 ڪلو ميٽرن تائين وڌايو پيو وڃي ۽ اهو منصوبو وزيراعظم جي هٿان مڪمل ڪيو ويندو. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ان موقعي تي چيو ته ڊگهي عرصي وارو بنيادي مطالبو هاڻي پورو ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته ريلوي اسٽيشن تي بنيادي سهولتن جي کوٽ رهي آهي، جڏهن ته هاڻي روهڙي جنڪشن کي بھتر بڻائڻ جو خواب حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سکر ايڪسپريس کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ تمام جلد پاڪستان ريلويز ۽ ضلعي ڪائونسل جي تعاون سان “هو جمالو ٽرين” به هلائي ويندي.

مزید خبریں