اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي الڳ سڃاڻپ، خودي جو شعور ۽ آزادي جو خواب ڏنو. شاعر مشرق علامه محمد اقبال کي سندس 88هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان علامه اقبال جي فلسفي خودي، اتحاد ۽عمل کي پنهنجي …
علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي الڳ سڃاڻپ، خودي جو شعور ۽ آزادي جو خواب ڏنو: پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي الڳ سڃاڻپ، خودي جو شعور ۽ آزادي جو خواب ڏنو. شاعر مشرق علامه محمد اقبال کي سندس 88هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان علامه اقبال جي فلسفي خودي، اتحاد ۽عمل کي پنهنجي زندگين جو حصو بڻائينداسين ته جيئن پاڪستان هڪ مضبوط، خودمختيار ۽ ڪامياب رياست بڻجي سگهي. پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ اسان مفڪر پاڪستان شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. علامه اقبال هو عظيم اڳواڻ هو جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ الڳ سڃاڻپ، خودي جو شعور ۽ آزادي جو خواب ڏنو. هن جي فڪر ۽ خطبي الهه آبادي پاڪستان جي قيام جو بنياد رکڻ ۾ هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. هن هڪ اهڙي قوم جي سوچ کي پيدار ڪيو جيڪا غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ علامه اقبال جا درجا بلند فرمائي ۽ اسان کي ان جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.











