حج فلائيٽ آپريشن تحت اڄ 13 اڏامون 3510 حج پانڌيئڙن کي کڻي ڀلي پار روانو ٿينديون: مذهبي معاملن واري وزارت

اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ حج فلائيٽ آپريشن 2026ع تيزي سان جاري آهي ۽ حج پانڌيئڙن جي روانگي ۾ نمايان اضافو ڏٺو پيو وڃي. هن وقت تائين 21 اڏامن ذريعي 5 هزار 250 سرڪاري حج پانڌيئڙن کي مدينه منوره پهچايو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت ٻڌايو ته فلائيٽ شيڊول تحت گذريل ڏينهن اڱاري تي وڌيڪ 13 اڏامن ذريعي 3 هزار 510 حج پانڌيئڙا ڀلي …

اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ حج فلائيٽ آپريشن 2026ع تيزي سان جاري آهي ۽ حج پانڌيئڙن جي روانگي ۾ نمايان اضافو ڏٺو پيو وڃي. هن وقت تائين 21 اڏامن ذريعي 5 هزار 250 سرڪاري حج پانڌيئڙن کي مدينه منوره پهچايو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت ٻڌايو ته فلائيٽ شيڊول تحت گذريل ڏينهن اڱاري تي وڌيڪ 13 اڏامن ذريعي 3 هزار 510 حج پانڌيئڙا ڀلي پار لاءِ روانو ٿي ويا. انهن اڏامن ۾ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد مان 4، ڪراچي، لاهور، ملتان ۽ ڪوئٽا مان 2-2 جڏهن ته سيالڪوٽ مان هڪ اڏام شامل آهي. سرڪاري حج آپريشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پي آءِ اي ، سعودي ايئر لائين، ايئر بليو ۽ ايئر سيال جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ ملڪ جي 10 حاجي ڪيمپن ۾ تربيت، سفري دستاويزن جي تياري ۽ ويڪسينيشن جو عمل به مرحليواري جاري آهي. وزارت جو عملو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ايئر پورٽس تي 24 ڪلاڪ مقرر آهي ته جيئن حج پانڌيئڙن کي هر ممڪن رهنمائي فراهم ڪري سگهجي. واضح رهي ته حج جو اهو فضائي آپريشن انشاالله 31 مئي تائين بنا رڪاوٽ جاري رهندو.

مزید خبریں