اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، شروعاتي 9 مهينن ۾ سعوديه کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ ساليانو بنياد تي معمولي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته سعودي عرب کان آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٻطرفي واپار جو …
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفي واپار ۾ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ اضافو ٿيو: اسٽيٽ بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-21 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، شروعاتي 9 مهينن ۾ سعوديه کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ ساليانو بنياد تي معمولي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته سعودي عرب کان آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڳاڻيٽو 3.503 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 55.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ پاڪ سعودي ٻطرفي واپار جو ڳاڻيٽو 3.381 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ سعودي عرب کي روانگي واپار سان ملڪ کي 529.98 ملين ڊالرز جو ناڻو حاصل ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 4.46 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ سعودي عرب کي پاڪستان جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 553.66 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ سعودي عرب کان آمدني واپار تي 973.2 ارب ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 5.13 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ سعودي عرب کان آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 2.828 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو.











