اسلام آباد - 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ترقياتي منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (پي ٿري اي) ۽ ان سان واڳيل نظام کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ترقياتي …
وزيراعظم شهباز شريف ترقياتي منصوبن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي ۽ لاڳاپيل نظام کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ترقياتي منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (پي ٿري اي) ۽ ان سان واڳيل نظام کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ترقياتي منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ اعلى سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ترقياتي منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (پي ٿري اي) ۽ ان سان واڳيل نظام کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي اصولي منظوري ڏني. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٿري اي جي ڪارڪردگي کي جديد موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ترقياتي منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ هي ادارو نجڪاري ڊويزن تحت ڪم ڪندو. وزيراعظم پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري آڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ترقياتي منصوبن کي وزارتن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي جانچڻ (ڪي پي آئيز) جو حصو بڻايو وڃي. پي ٿري اي جي ذريعي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ تيز بڻائي رهيا آهيون. اجلاس ۾ خطي ۽ عالمي سطح تي مختلف ملڪن ۾ لاڳو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ماڊلز جي ڀيٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي تجويز ڪيل نئين نظام جي مقصدن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته نئين نظام تحت پي ٿري اي جي نگراني نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي ۽ نجڪاري ڊويزن ڪندي. وزيراعظم نئين منظور ٿيل نظام جي حوالي سان عملدرآمد تي اڳڀرائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











