پاڪستان مان 2687 حج پانڌيئڙا مدينو شريف پهچي ويا

مدينو شريف-20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مان 2687 حج پانڌيئڙا مدينو شريف پهچي ويا. مدينو شريف جي ڪو آرڊينيٽر ڪاشف حسين، مذهبي معاملن واري وزارت جي ٻئي عملي سان حج پانڌيئڙن جي آجيان ڪئي. عملدارن مطابق حج پانڌيئڙن جي آرام ۽ سهولت کي يقيني بڻائڻ لاءِ غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن. آمد جي موقعي تي هڪ آجياڻو به منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب منعقد …

مدينو شريف-20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مان 2687 حج پانڌيئڙا مدينو شريف پهچي ويا. مدينو شريف جي ڪو آرڊينيٽر ڪاشف حسين، مذهبي معاملن واري وزارت جي ٻئي عملي سان حج پانڌيئڙن جي آجيان ڪئي. عملدارن مطابق حج پانڌيئڙن جي آرام ۽ سهولت کي يقيني بڻائڻ لاءِ غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن. آمد جي موقعي تي هڪ آجياڻو به منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. انتظام سنڀاليندڙن جو چوڻ آهي ته اهي قدم پانڌيئڙن کي بهتر ۽ خوشگوار سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهن. سڄي دنيا مان لکين مسلمان ايندڙ هفتن ۾ حج جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب پهچندا، جيڪو اسلام جي پنج بنيادي رُڪنن مان هڪ آهي. عملدارن پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ ٽرانسپورٽ، رهائش ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي جا انتظام مڪمل ڪيا آهن.

مزید خبریں