پاڪستان- مصر گڏيل مشق ٿنڊر – 02 پڄاڻيءَ تي پهتي، دهشتگرديءَ جي روڪٿام جي ڪاررواين تي ڌيان ڏنو ويو

راولپنڊي-20 اپريل (اي پي پي) ٻن هفتن تي ٻَڌل پاڪستان- مصر گڏيل مشق ٿنڊر - 02 پڄاڻيءَ تي پهتي، دهشتگرديءَ جي روڪٿام جي ڪاررواين تي ڌيان ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪستان- مصر گڏيل ٿنڊرII- پاڪستان ۽ مصر جي فوج وچ ۾ چراٽ، پاڪستان ۾ ڪاميابيءَ سان منعقد ٿي. ٻه هفتا ڊگهي مشق کي تربيت ذيعي دهشتگرديءَ جي روڪٿام جي ڪاررواين بابت مشقن، طريقيڪار ۽ ٽيڪنڪ کي …

راولپنڊي-20 اپريل (اي پي پي) ٻن هفتن تي ٻَڌل پاڪستان- مصر گڏيل مشق ٿنڊر – 02 پڄاڻيءَ تي پهتي، دهشتگرديءَ جي روڪٿام جي ڪاررواين تي ڌيان ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪستان- مصر گڏيل ٿنڊرII- پاڪستان ۽ مصر جي فوج وچ ۾ چراٽ، پاڪستان ۾ ڪاميابيءَ سان منعقد ٿي. ٻه هفتا ڊگهي مشق کي تربيت ذيعي دهشتگرديءَ جي روڪٿام جي ڪاررواين بابت مشقن، طريقيڪار ۽ ٽيڪنڪ کي بهتر بڻائي گڏيل سهڪار کي وڌائڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو. پاڪ فوج جي اسپيشل سروس گروپ ۽ مصري اسپيشل فورسز جي جنگي ٽيمن سڄي مشق ۾ غير معمولي پيشيوراڻي مهارت ۽ آپريشنل مهارتن جو مظاهرو ڪندي سرگرمين ۾ حصو ورتو. اسپيشل سروسز گروپ جي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، جڏهن ته مصري پيراٽروپرز جي ڪمانڊر ميجر جنرل محمد سعد عبدالرزاق ۽ مصر جي دفاعي اثاثن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان مشق سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جٽادار ۽ تاريخي عسڪري ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں