اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق هلندڙ هفتي دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ گرم رهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق هلندڙ هفتي دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ گرم رهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد ڇور، دادو، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، پڊعيدن، سکر ۽ ٽنڊو ڄام ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











