اسلام آباد -20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ حڪومت جا اي آءِ تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ لاءِ عملي قدم تيزي سان جاري آهن. آءِ ٽي وزارت ”اي آءِ سِکو 2026ع“ جي عنوان سان قومي سطح تي اپ اسڪلنگ پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب گوگل، ٽيلي نار پاڪستان ۽ انو وسٽا جي شراڪتداري سان عملي تربيتي پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي نيشنل …
آءِ ٽي واري وزارت پاران ”اي آءِ سِکو 2026ع“ جي عنوان سان قومي سطح تي اپ اسڪلنگ پروگرام شروع

مزید خبریں
اسلام آباد -20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ حڪومت جا اي آءِ تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ لاءِ عملي قدم تيزي سان جاري آهن. آءِ ٽي وزارت ”اي آءِ سِکو 2026ع“ جي عنوان سان قومي سطح تي اپ اسڪلنگ پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب گوگل، ٽيلي نار پاڪستان ۽ انو وسٽا جي شراڪتداري سان عملي تربيتي پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي نيشنل انڪيوبيشن سينٽرز، پاڪستان اسٽارٽ اپ فنڊ ۽ عالمي پليٽ فارمز سان ڳنڍي معاشي موقعا ملندا. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته حڪومت ڊجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ متعارف ڪرائي ڊجيٽل تبديلي جو جامع روڊ ميپ ڏنو آهي. پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت کي مرڪزي ترجيح قرار ڏئي پهرين نيشنل اي آءِ پاليسي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت 10 لک نوجوانن کي اي آءِ تربيت ڏيڻ جو هدف حاصل ڪري رهي آهي، خاص طور تي نان ٽيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو پيو وڃي. آءِ ٽي وزارت اي آءِ سِکو پروگرام تحت گوگل جي سهڪار سان هڪ لک کان وڌيڪ ڊولپرز کي اپ اسڪل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. اي آءِ سِکو ذريعي نوجوانن کي جديد اي آءِ ٽولز، سرٽيفيڪيشنز ۽ عملي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي.











