پاڪ چين ٻطرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 18.73 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 18.73 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال دوران چين کي پاڪستان جي روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 49.3 سيڪڙو، جڏهن ته چين کان آمدني واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 21.20 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو …

اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 18.73 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال دوران چين کي پاڪستان جي روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 49.3 سيڪڙو، جڏهن ته چين کان آمدني واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 21.20 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڳاڻيٽو 15.983 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 18.73 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ پاڪ چين ٻطرفي واپار جو ڳاڻيٽو 13.461 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ چين کان آمدني واپار تي 14.038 ارب ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 21.20 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ چين کان آمدني واپار تي 11.582 ارب ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو هو، مارچ ۾ چين کان آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 1.537 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو فيبروري ۾ 1.408 ارب ڊالر ۽ گذريل سال مارچ ۾ 1.393 ارب ڊالرهو، مالي سال 2025ع ۾ چين کان مجموعي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 16.312 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو.

مزید خبریں