اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) قومي صحت ۽ هم آهنگي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئر طور تي ڪرغزستان حڪومت جي قيادت کي ساراهيو ۽ عوامي صحت جي شعبي ۾ علائقائي تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندن ڪاوشن جي تعريف ڪئي آهي. سومر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) جي صحت واري وزيرن جو نائون اجلاس عوامي صحت ۽ نظم و نسق سان لاڳاپيل …
پاڪستان ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان گڏجي عوامي صحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويجهي ڀائيواري جاري رکندو: ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ

مزید خبریں
اسلام آباد-20 اپريل (اي پي پي) قومي صحت ۽ هم آهنگي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئر طور تي ڪرغزستان حڪومت جي قيادت کي ساراهيو ۽ عوامي صحت جي شعبي ۾ علائقائي تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندن ڪاوشن جي تعريف ڪئي آهي. سومر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) جي صحت واري وزيرن جو نائون اجلاس عوامي صحت ۽ نظم و نسق سان لاڳاپيل رياستي پاليسي جي موضوع تي بشڪيڪ ۾ منعقد ٿيو. هن ايس سي او سيڪرٽريٽ جو به هڪ موثر ۽ مستقبل تي ٻڌل اجلاس منعقد ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير، علائقائي سهڪار لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان گڏجي عوامي صحت کي هٿي وٺرائڻ، ايس سي او جي صحت بابت پروگرام ۽ گڏيل وبائي ردعمل جي حڪمت عملين تحت ويجهي ڀائيوارا جاري رکندو. مملڪتي وزير، پاڪستان جي صحت جي پاليسي فريم ورڪ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ علاج تي ٻڌل نظام کان هٽي احتياطي ۽ روڪٿام تي ٻڌل صحت جي نظام طرف اڳڀرائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪمت عملي عالمي هدفن مطابق بنيادي صحت جي سهولتن کي هٿي ۽ يونيورسل هيلٿ ڪوريج حاصل ڪرڻ تي ٻڌل آهي. ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، احتياطي صحت جي پاليسين کي هٿي وٺرائڻ، بنيادي صحت جي نظام جي مضبوطي ۽ ايس سي او پليٽ فارم تحت سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جئين منصفاڻي ۽ پائيدار صحت جا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن، حڪومت ۽ عوام طرفان ايس سي او جي ميمبر ملڪن کي 2027ع ۾ ٿيندڙ صحت واري وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچڻ جي دعوت به ڏني.











