مانسهره-20 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته رانديون نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه لاءِ نهايت ضروري آهن. انهن خيالن جو اظهار هن ملڪ عبدالله ميموريل والي بال ٽورنامينٽ لسان ٺڪرال جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽورنامينٽ ۾ هزاره ڊويزن مان 32 ٽيمن حصو ورتو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته رانديون …
رانديون نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه لاءِ نهايت ضروري آهن: سردار محمد يوسف

مزید خبریں
مانسهره-20 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته رانديون نوجوانن جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه لاءِ نهايت ضروري آهن. انهن خيالن جو اظهار هن ملڪ عبدالله ميموريل والي بال ٽورنامينٽ لسان ٺڪرال جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽورنامينٽ ۾ هزاره ڊويزن مان 32 ٽيمن حصو ورتو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته رانديون انسان ۾ نظم و ضبط، برداشت، ٽيم ورڪ ۽ خود اعتمادي پيدا ڪن ٿيون، جيڪي ڪنهن به معاشري جي خوشحالي لاءِ بنيادي عنصر آهن. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي راندين جا موقعا ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.











