ڪراچي-20 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽنڊوالھيار ۽ حيدرآبا جي عوام لاءِ خوشخبري ڏيندي اعلان ڪيو آھي، ته ٽنڊوالھيار کان حيدرآباد تائين پيپلز بس سروس جي باضابطا شروعات 22 اپريل کان ڪئي پئي وڃي. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته شڪارپور ۽ سکر کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ ٽنڊوالھيار …
ٽنڊوالھيار کان حيدرآباد تائين پيپلز بس سروس جي باضابطا شروعات 22 اپريل کان ڪئي ويندي: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي-20 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽنڊوالھيار ۽ حيدرآبا جي عوام لاءِ خوشخبري ڏيندي اعلان ڪيو آھي، ته ٽنڊوالھيار کان حيدرآباد تائين پيپلز بس سروس جي باضابطا شروعات 22 اپريل کان ڪئي پئي وڃي. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته شڪارپور ۽ سکر کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ ٽنڊوالھيار کان حيدرآباد پيپلز بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي، منصوبي سان ٻنھي شرن وچ ۾ سفر ڪندڙ شھرين کي وڏي سھولت ملندي ۽ روزمره جي آمدورفت ۾ آساني پيدا ٿيندي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد جديد ٽرانسپورٽ نظام کي مرحلي وار صوبي جي ٻين ضلعن تائن وڌائڻ آھي، جلد ئي ٻين شھرن ۾ بھ ھي سروس شروع ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پيپلز بس سروس نه رڳو آرامده سفري سھولت فراھم ڪندي پر جديد گھُرجن موجب محفوظ ۽ باوقار سفر کي به يقيني بڻائيندي. سندس چوڻ ھو ته سنڌ حڪومت عوام کي معياري، محفوظ ۽ سستي سفري سھولت فراھم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي.











