اسلام آباد - 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خضدار ۾ بلوچستان پوليس جي عورت ڪانسٽيبل ملڪ ناز بلوچ کي دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ناز بلوچ بلوچستان جي پهرين پوليس ڪانسٽيبل آهي …
وزيراعظم پاران خضدار ۾ بلوچستان پوليس جي عورت ڪانسٽيبل ملڪ ناز بلوچ کي دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻڻ تي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خضدار ۾ بلوچستان پوليس جي عورت ڪانسٽيبل ملڪ ناز بلوچ کي دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ناز بلوچ بلوچستان جي پهرين پوليس ڪانسٽيبل آهي جنهن ملڪ جي حفاظت جي لاءِ بهادري جو مثال قائم ڪيو. هن چيو ته مون سميت پوري قوم کي بهادر پوليس فورس تي فخر آهي. وزيراعظم دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.











