علامه اقبال پنهنجي شاعري ۽ فلسفي ذريعي هڪ آزاد وطن جو تصور اجاگر ڪيو: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد -20 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني شاعر مشرق، مفڪر پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال  جي 88هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ غير معمولي فڪري اڳواڻ هو جنهن پنهنجي شاعري ۽ …

اسلام آباد -20 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني شاعر مشرق، مفڪر پاڪستان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال  جي 88هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ غير معمولي فڪري اڳواڻ هو جنهن پنهنجي شاعري ۽ فلسفي ذريعي هڪ آزاد وطن جو تصور اجاگر ڪيو ۽ قوم ۾ نئون روح ڦوڪيو.  سندس تعليم اڄ به اسان لاءِ رهنمائي جو بهترين ذريعو آهي. هن نوجوانن کي خودي، خودداري ۽ مسلسل جدوجهد جو درس ڏنو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي فڪر کي اپنائڻ سان اسان پنهنجي اندر هاڪاري تبديلي آڻي سگهون ٿا ۽ قومي ترقي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا،  سندس تصور هو ته پاڪستان هڪ اهڙي فلاحي ۽ انصاف واري معاشري تي ٻڌل هجي جنهن ۾ هر ماڻهو کي برابر جو حق حاصل هجي. ۽ قانون جي حڪمراني قائم هجي. اڄ جي دور ۾ ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي فلسفي کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ سميت سمورن رياستي ادارن  تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي نظريات کي نظر ۾ رکندي پنهنجون ذميواريون انجام ڏين. هن چيو ته قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ ترقي لاءِ ڊاڪٽر علامه محمد اقبال  جي فڪر مان رهنمائي حاصل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن پنهنجي پيغام جي پڄاڻي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي فڪر کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ لاڳو ڪيون.

مزید خبریں