خيبرپختونخوا جي گورنر پاران بنون ۾ 2 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

پشاور -20 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ بنون ۾ آپريشن دوران 2 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر انتهائي گهربل خوارجي رنگ ليڊر سميت دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي گورنر  چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز …

پشاور -20 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ بنون ۾ آپريشن دوران 2 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر انتهائي گهربل خوارجي رنگ ليڊر سميت دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي گورنر  چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پختو عزم تحسين جوڳو آهي.