نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آسٽريليا جي پرڏيهي وزير ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 20 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آسٽريليا جي پرڏيهي وزير پيني وانگ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان مجب پرڏيهي وزير پيني وانگ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزيرج ي ڪوششن ۽ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن …

اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آسٽريليا جي پرڏيهي وزير پيني وانگ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان مجب پرڏيهي وزير پيني وانگ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزيرج ي ڪوششن ۽ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن ان سلسلي ۾ سفارتي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کيس 11 کان 12 اپريل تي ٿيندڙ “اسلام آباد ڳالهه ٻولهه” بابت آگاهه ڪيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۽ مثبت رابطي جي حوصلا افزائي جو سلسلو جاري رکندو. ٻنهي اڳواڻن عالمي معيشت خاص طور تي اسرندڙ ملڪن تي پوندڙ وسيع تر اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو.

مزید خبریں