صدر آصف علي زرداري پاران بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن تي خراج تحسين پيش

اسلام آباد -20 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪندي ڀارتي پُٺ ڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي اهم دهشتگردن جي مارجڻ جي واکاڻ ڪئي آهي. سومر تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ صدر چيو ته خوارجي سرغنه ۽ خودڪش حملي آوار جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشه …

اسلام آباد -20 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪندي ڀارتي پُٺ ڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي اهم دهشتگردن جي مارجڻ جي واکاڻ ڪئي آهي. سومر تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ صدر چيو ته خوارجي سرغنه ۽ خودڪش حملي آوار جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشه وراڻي مهارت ۽ جرئت جي عڪاس آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان پنهنجون سموريون توانائيون خطي ۽ عالمي امن حاصل ڪرڻ ۾ خرچ ڪري رهيو آهي ان وقت اسان جا دشمن دهشتگردي ذريعي اسان جي انهن ڪوششن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا. صدر چيو ته اسان انهن امن دشمن ۽ اسلام دشمن  سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته ٻاهرين مداخلت جي ڪري ٿيندڙ دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي.

مزید خبریں