اسلام آباد- 20 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان آمريڪي سفير نيٽالي بيڪر کي اعتماد ۾ ورتو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ آمريڪي سفارتخاني جو دورو ڪيو، جتي هن واضح ڪيو ته ڳالهين جي ڪاميابي ۽ پرڏيهي مهمانن جي حفاظت لاءِ هڪ غير معمولي سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي. …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان آمريڪي سفير نيٽالي بيڪر کي اعتماد ۾ ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان آمريڪي سفير نيٽالي بيڪر کي اعتماد ۾ ورتو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ آمريڪي سفارتخاني جو دورو ڪيو، جتي هن واضح ڪيو ته ڳالهين جي ڪاميابي ۽ پرڏيهي مهمانن جي حفاظت لاءِ هڪ غير معمولي سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي. ملاقات دوران ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته اسان پنهنجي سڀني خاص مهمانن لاءِ سيڪيورٽي جا خصوصي انتظام ڪيا آهن ۽ اسان اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي دور جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون. ان موقعي تي آمريڪي سفير خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ-آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي پُڻ تفصيلي طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي شخصيتن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. گهرو وزير سان گڏ هن اهم دوري تي ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور، چيف ڪمشنر اسلام آباد سهيل اشرف، آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان ميمڻ به موجُود هئا، جن لاڳاپيل سيڪيورٽي معاملن تي بريفنگ ۾ مدد ڪئي.











