اسلام آباد- 20 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي ٻن انتهائي گهربل دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته فتنه الخوارج جي ٻن دهشتگردن کي مارڻ تي بهادر سپُوتن کي سلام پيش …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران بنون ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي ٻن انتهائي گهربل دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته فتنه الخوارج جي ٻن دهشتگردن کي مارڻ تي بهادر سپُوتن کي سلام پيش ڪريان ٿو. قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپُوتن تي ناز آهي. قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.











