اسلام آباد- 20 اپريل (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجي سرغني وحيد الله عرف مختيار ۽ هڪ خودڪش بمبار کي ماري ڇڏيو. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، سيڪيورٽي فورسز بنون ضلعي ۾ خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سخت فائرنگ جي …
سيڪيورٽي فورسز جو بنون ۾ انٽيليجنس آپريشن، ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ ٻه دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 اپريل (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجي سرغني وحيد الله عرف مختيار ۽ هڪ خودڪش بمبار کي ماري ڇڏيو. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، سيڪيورٽي فورسز بنون ضلعي ۾ خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ ٻه خوارجين جن ۾ خوارجي اڳواڻ وحيد الله عرف مختيار ۽ هڪ خودڪش بمبار مارجي ويو. مارجي ويل خوارجين کان هڪ خودڪش جيڪٽ، هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. خوارجي اڳواڻ وحيد الله انتهائي گهربل دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل هو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن ۽ معصوم شهرين کي شهيد ڪرڻ سميت ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هو. هو 21 فيبروري 2026ع تي بنون ضلعي ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي جو مکيه هينڊلر پڻ هو، جنهن جي نتيجي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل گل فراز شهيد ٿيو هو. آءِ ايس پي آر چيو ته هي آپريشن نه رڳو اُن وحشياڻي ڪارروائي جو بدلو آهي پر مکيه مجرم کي منطقي انجام تائين پُڻ پهچايو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ڪارروائي هڪ وڏي سانحي کي پُڻ ناڪام بڻايو. علائقي ۾موجُود ٻين ڀارتي حمايت يافته خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قومي ايڪشن پلان تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽي پاران منظور ڪيل ويزن ” عزمِ استحڪام ” تحت ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجون ڀرپُور ڪارروائيون جاري رکندا.











