نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي پولينڊ جي پرڏيهي وزير سان فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد -19 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پولينڊ جي پرڏيهي وزير رادوسلو سڪور سڪي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي معاملن جي وزارت پاران آچر تي جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. …

اسلام آباد -19 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پولينڊ جي پرڏيهي وزير رادوسلو سڪور سڪي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي معاملن جي وزارت پاران آچر تي جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ان موقعي تي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادو سلو سڪور سڪي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ بندي کي آسان بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي مسلسل عزم کي ساراهيو.

مزید خبریں