اسلام آباد ۾ غير ملڪي وفدن جي آمد کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد جو ريڊ زون ۽ ايڪسٽينڊڊ ريڊ زون هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ مڪمل طور تي بند

اسلام آباد -19 اپريل (اي پي پي) اسلام آباد ۾ غير ملڪي وفدن جي آمد کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد جي ريڊ زون ۽ ايڪسٽينڊڊ ريڊ زون کي هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ متبادل ٽرئفڪ پلان جاري ڪيو آهي. آءِ ٽي پي جي هڪ آفيسر آچر تي ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته ڪورال کان زيرو پوائنٽ تائين ايڪسپريس وي هر …

اسلام آباد -19 اپريل (اي پي پي) اسلام آباد ۾ غير ملڪي وفدن جي آمد کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد جي ريڊ زون ۽ ايڪسٽينڊڊ ريڊ زون کي هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ متبادل ٽرئفڪ پلان جاري ڪيو آهي. آءِ ٽي پي جي هڪ آفيسر آچر تي ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته ڪورال کان زيرو پوائنٽ تائين ايڪسپريس وي هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ بند رهندو، جڏهن ته سرينگر هاءِ وي تي ٽرئفڪ کي به وقفي وقفي سان معطل ڪري سگهجي ٿو. ان دوران، اسلام آباد ڏانهن هر قسم جي وڏي ٽرئفڪ بند رهندي ۽ ٽرانسپورٽرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي اسلام آباد ڏانهن سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن. سيڪٽر G-5، G-6، G-7، F-6 ۽ F-7 جا رهواسي راولپنڊي ڏانهن اچڻ وڃڻ لاءِ مارگلا روڊ ۽ نائنٿ ايونيو استعمال ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته اسلام آباد جي ضلعي انتظاميه وفاقي گادي واري شهر ۾ پبلڪ ۽ هيوي ٽرانسپورٽ جي حوالي سان اهم اعلان ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ هيوي ٽرانسپورٽ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ايندڙ حڪم تائين معطل ڪئي پئي وڃي. ضلعي انتظاميه اسلام آباد طرفان جاري بيان مطابق ان حوالي سان شهرين کي گذارش آهي ته سيڪيورٽي ادارن سان سهڪار ڪن.

مزید خبریں