سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران سردار ذوالفقار علي خان کوسه مرحوم جي قرآن خواني ۾ شرڪت

اسلام آباد/ ڊيره غازي خان – 19 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سميت مشهور سياسي شخصيتن سردار ذوالفقار علي خان کوسه مرحوم جي قرآن خواني ۾ شرڪت ڪئي آهي. قرآن خواني جي تقريب مرڪزي عيد گاهه ڊيره غازي خان ۾ منعقد ٿي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ان موقعي تي سجاده نشين دربار حضرت موسيٰ پاڪ شهيد سيد ابوالحسن گيلاني …

اسلام آباد/ ڊيره غازي خان – 19 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سميت مشهور سياسي شخصيتن سردار ذوالفقار علي خان کوسه مرحوم جي قرآن خواني ۾ شرڪت ڪئي آهي. قرآن خواني جي تقريب مرڪزي عيد گاهه ڊيره غازي خان ۾ منعقد ٿي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ان موقعي تي سجاده نشين دربار حضرت موسيٰ پاڪ شهيد سيد ابوالحسن گيلاني پاران اجتماعي دعا ڪرائي وئي. هن مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ مغفرت جي خاص دعا به ڪئي. تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي قيادت ۽ معززن جو وڏو انگ شرريڪ هو. ان موقعي تي سردار حسام الدين کوسه جي دستار بندي ڪئي وئي ۽ کيس قبيلي جو چيف مقرر ڪيو ويو. واضح رهي ته مرحوم سردار ذوالفقار کوسه مدبر، باوقار ۽ اصول پسند اڳواڻ هو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ان موقعي تي چيو ته مرحوم ذوالفقار کوسه جي خدمتن کي هميشا ياد رکيو ويندو، کوسه خاندان جون سياسي ۽ عوامي خدمتون قابل قدر آهن. هن چيو ته اهڙا اڳواڻ قوم جو قيمتي اثاثو هوندا آهن.

مزید خبریں