اسلام آباد کان روٽ ٽو مڪه جي پهرين حج اڏام 270 پانڌيئڙن کي کڻي رواني

اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر سال 2026ع جي حج آپريشن جي باقاعده شروعات ٿي وئي آهي. اسلام آباد کان ”روٽ ٽو مڪه“ منصوبي تحت پهرين حج اڏام ايس وي 5723 ذريعي 270 حج پانڌيئڙن کي کڻي مدينه رواني ٿي وئي. مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير سردار محمد يوسف، سعودي ڊپٽي هيڊ مشن محمد ال علي، جوائنٽ سيڪريٽري حج محمد بخش سانگي حج پانڌيئڙن …

اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر سال 2026ع جي حج آپريشن جي باقاعده شروعات ٿي وئي آهي. اسلام آباد کان ”روٽ ٽو مڪه“ منصوبي تحت پهرين حج اڏام ايس وي 5723 ذريعي 270 حج پانڌيئڙن کي کڻي مدينه رواني ٿي وئي. مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير سردار محمد يوسف، سعودي ڊپٽي هيڊ مشن محمد ال علي، جوائنٽ سيڪريٽري حج محمد بخش سانگي حج پانڌيئڙن کي رخصت ڪيو. وفاقي وزير سردار محمد يوسف بهترين سهولتن جي فراهمي ۽ سهڪار تي خادم الحرمين شريفين ولي عهد محمد بن سلمان، سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن ربيعه ۽ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته اڄ 2026ع جي پهرين حج اڏام کي ڀلي پار روانو ڪيو ويو، هر حاجي لاءِ اهو لمحو زندگي جي يادگار ترين لمحن مان هڪ آهي. سعودي ويزن 2030ع ۽ حج بابت وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه جي ڪوششن جو اعتراف ڪندي هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي مثالي سهڪار سان حج انتظام مڪمل ٿيا. پاڪستان جي حڪومت جي پهرين ترجيع حج پانڌيئڙن کي سهولت ۽ باوقار سفر جي فراهمي آهي. وفاقي وزير روٽ ٽو مڪه منصوبي کي پانڌيئڙن لاءِ انقلابي قرار ڏيندي چيو ته اسلام آباد ايئرپورٽ تي سعودي اميگريشن ۽ سفري مرحلا مڪمل ڪيا پيا وڃن. ان سهولت سان حج پانڌيئڙا سڌي ريت پنهنجي رهائش گاهه تائين پهچي سگهندا. اسلام آباد مان 36 هزار، ڪراچي مان 29 هزار 800 پانڌيئڙا فائدو حاصل ڪندا. پهريون ڀيرو لاهور مان به 30 هزار پانڌيئڙا روٽ ٽو مڪه سهولت حاصل ڪندا. مجموعي طور تي 95 هزار 800 پاڪستاني پانڌيئڙا ان جديد سهولت مان فائدو کڻندا. اهڙي طرح ڪُل پانڌيئڙن جو 80 سيڪڙو روٽ ٽو مڪه منصوبي مان فائدو حاصل ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حج انتظام وڌيڪ بهتر بڻايا پيا وڃن. هر 188 پانڌيئڙن سان گڏ تربيت يافتا ناظم مقرر ڪيو ويو آهي. منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه ۾ پانڌيئڙن جي مڪمل رهنمائي يقيني بڻائي ويندي. هر حاجي کي سعودي عرب پهچندي ئي مفت سعودي سم فراهم ڪئي ويندي. لانگ حج لاءِ 40 جي بي انٽرنيٽ سهولت ڏني ويندي. 24 هزار حاجين کي هاءِ اسپيڊ ٽرين ذريعي سفر جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته هلندڙ سال هڪ لک 19 هزار سرڪاري حاجين لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. سمورن سرڪاري حاجين کي مدينه ۾ مرڪزيه ويجهو رهائش ڏني وئي آهي. هن چيو ته حج رڳو عبادت نه پر روحاني تربيت جو ذريعو آهي. هن حج پانڌيئڙن کي صبر، نظم ۽ ضبط سان حج مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سعودي قانونن جي پابندي ۽ خدام الحجاج جي هدايتن تي عمل ڪرڻ هر حاجي تي لازم قرار آهي. هن چيو ته حاجي پاڪستان جا سفير آهن، هاڪاري ڪردار ادا ڪن.

مزید خبریں