لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ يو اين ڊي پي جي سهڪار سان ڪيترائي منصوبا شروع

لاڙڪاڻو - 19 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت يو اين ڊي پي جي ڪنٽري پروجيڪٽ اينالسٽ علي سعود ڪئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو سميت لاڳاپيل سرڪاري کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يو اين ڊي پي لاڙڪاڻو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيترائي ترقياتي …

لاڙڪاڻو – 19 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت يو اين ڊي پي جي ڪنٽري پروجيڪٽ اينالسٽ علي سعود ڪئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو سميت لاڳاپيل سرڪاري کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يو اين ڊي پي لاڙڪاڻو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا آهن. انهن پروگرامن جو بنيادي مقصد  موسمياتي لچڪدار گهرن جي تعمير،  تعليمي انفراسٽرڪچر جي بحالي، شمسي توانائي کي هٿي وٺائڻ ۽ مقامي معيشت جي بحالي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو جي مڪمل بحالي جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته فلڊ ريڪوري پروگرام تحت ضلعي ۾ موسمياتي لچڪدار گهرن جي تعمير، عوامي بنيادي ڍانچي جي اپ گريڊيشن ۽ ڳوٺاڻي برادري لاءِ فني مدد جي فراهمي آهي، جنهن جي نگراني ۽ معيار جي ضمانت لاءِ انجنيئرنگ ٽيمون مقرر ڪيون ويو آهن. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻو ۾ 200 ڪلو واٽ گرڊ سان ڳنڍيل شمسي توانائي جو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي ته جئين اسپتال کي پائيدار ۽ سستي بجلي فراهم ٿي سگهي، جڏهن ته 2022ع  جي پوڏ متاثر ڪٽنبن لاءِ آمدني پيدا ڪندڙ  سرگرمين جي بحالي ۽ انٽر پرائز ڪٽس ۽ زرعي ٽول ڪٽس پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو ته يو اين ڊي پي پاران کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن، ضلعي انتظاميا طرفان سمورن منصوبن کي شفاف طريقي سان وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪيو ويندو.