آثار قديمه، تعيمرات ۽ ثقافتي روايتن تي ٻڌل پائيدار ورثو، اسان جي قومي سڃاڻپ جو بنياد آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد-18 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مان پوري قوم سميت انهن ماڻهن کي دل سان مبارڪون پيش ڪريان ٿو جيڪي اسان جي گڏيل ورثي جي تحفظ لاءِ سرگرم آهن. اهو ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته اسان پنهنجي ثقافتي ميراث کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رکون جنهن جي اهميت کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويو آهي، پاڪستان …

اسلام آباد-18 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مان پوري قوم سميت انهن ماڻهن کي دل سان مبارڪون پيش ڪريان ٿو جيڪي اسان جي گڏيل ورثي جي تحفظ لاءِ سرگرم آهن. اهو ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته اسان پنهنجي ثقافتي ميراث کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رکون جنهن جي اهميت کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي قديم تهذيبن جي چوواٽي تي موجود آهي. شروعاتي قديم هجري يا نو هجري دورن کان وٺي ٽامي جي زماني جي وادي سنڌ جي تهذيب تائين، مهر ڳڙهه، موئن جو دڙو ۽ گنڌارا جي ثقافتي عظمت کان وٺي مغليه دورن تائين، اسان جي سرزمين انساني تخليق، جدت ۽ استقامت جي مسلسل سفر جي عڪاسي ڪري ٿي، انهن تهذيبن اثار قديمه، تعميرات ۽ ثقافتي روايتن جي صورت ۾ هڪ پائيدار ورثو ڇڏيو آهي جيڪو اسان جي قومي سڃاڻپ جو بنياد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ورثي ۽ ثقافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان جو غير مادي ثقافتي ورثو به نهايت اهم آهي، جنهن ۾ لوڪ داستان، ٻوليون، موسيقي، هنر ۽ فنون لطيفه شامل آهن. هير رانجهو، سهڻي ميهار، عمر ماروي، سسئي پنهون، آدم خان ۽ درخاني، هاني ۽ شاهه مريد جهڙا داستان، صوفي شاعرن جي ڪلا، قوالي، علائقائي موسيقي جون ڌنون جن ۾ رباب، الگوزه، طبله، شنهائي، بانسري، سرود، بينجو، سارنگي ۽ دهل شامل آهن. هن چيو ته اسان جو ثقافتي ورثو اجتماعي يادداشت ۽ جذبي گهرائي جو عڪاسي ڪري ٿو. هي روايتون نسل در نسل منتقل ٿي اسان جي سڃاڻپ ۽ قدرن کي برقرار رکن ٿيون. هن چيو ته اسان جا روايتي هنر پاڪستان جي ثقافتي جدت ۽ مهارت جو اظهار آهن. ڪشمير جي هٿ هنر ۽ شال بافي کان وٺي سنڌي اجرڪ ۽ رلي، بلوچ ڪڙهائي، ملتان جي نيلي مٽي جا برتن، پشاور جا چپل، چترالي ٽوپيون، چنيوٽ جي ڪاٺي جو ڪم ۽ ٽرڪ آرٽ تائين، هر فن پنهنجي اندر هڪ منفرد ڪهاڻي سمائي ويٺل آهي ۽ ماضي کي حال سان جوڙي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي عالمي ورثي جي ماڳن سنڌ وادي جي تهذيب، گنڌارا جي ٻڌمت فن ۽ ننڍي کنڊ جي عرب مغل دورن جي قلعن ۽ يادگارن جي نمائندگي ڪن ٿا. اهي ماڳ اسان جي تاريخ ۽ ثقافتي جدت جو واضح اظهار آهن. صدر مملڪت چيو ته شهرين لاءِ ورثو نه رڳو تصور ناهي پر روزاني زندگي جو حصو آهي. هي ڪاريگرن لاءِ روزگار جا موقعو فراهم ڪري ٿو، تاريخي شهرن ۾ سياحت کي هٿي ڏي ٿو ۽ مقامي معيشت کي صلاحيت بخشي ٿو. هي ان ڳالهه تي به اثر انداز ٿئي ٿو ته اسان جا ٻار اسڪولن ۾ پنهنجي تاريخ ڪيئن سکن ٿا ۽ ڪميونٽيز پنهنجي ماحول ۽ سڃاڻپ کي ڪيئن برقرار رکن ٿيون. هنن چيو ته اسان انهن قيمتي اثاثن جي تحفظ لاءِ پيشيوراڻي مهارت، جديد فن جي استعمال جي عزم تي قائم ڪيون. ورثي جوتحفظ نه رڳو هڪ ذميواري آهي پر سياحت، ثقافتي صنعتن ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ اهم موقعو آهي، مان سمورين ڌرين، حڪومتي ادارن، صوبائي عملدارن، مقامي ڪميونٽيز ۽ نوجوانن تي زور ڀريان ٿو ته هو گڏجي اسان جي ثقافتي ورثي جي تحفظ، بقاءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن.

مزید خبریں