وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽه ملڪي دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو

انطاليه - 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه جو ٽه ملڪي دورو مڪمل ڪري انطاليه، ترڪيه مان واپس پاڪستان روانو ٿي ويو. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق انطاليه ايئرپورٽ تي ترڪيه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل سفير تولگابر ميڪ، سفير نيلوفر ڪيگسيز، ترڪيه جي پارليامن جي ميمبر برهان قاياترڪ ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير …

انطاليه – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه جو ٽه ملڪي دورو مڪمل ڪري انطاليه، ترڪيه مان واپس پاڪستان روانو ٿي ويو. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق انطاليه ايئرپورٽ تي ترڪيه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل سفير تولگابر ميڪ، سفير نيلوفر ڪيگسيز، ترڪيه جي پارليامن جي ميمبر برهان قاياترڪ ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽن ڏينهن جي دوري دوران سعودي، قطر ۽ ترڪيه جي قيادت سان ملاقاتن سان گڏوگڏ انطاليه ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ خطي ۽ عالمي صورتحال تي عالمي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون. دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تاررڙ، خاص مددگار سيد طارق فاطمي ۽ وزيراعظم جو ترجمان مشرف زيدي به وزيراعظم سان گڏ هئا.

مزید خبریں