پاڪستان جو ثقافتي ورثو گهڻ رخي تهذيب ۽ تمدن سان سينگاريل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد-18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ثقافتي ورثي کي سماجي جدت ۽ ماضي جو امين قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو ثقافتي ورثو گهڻ رخي تهذيب ۽ تمدن سان سينگاريل آهي ۽ پاڪستان دنيا جي قديم ترين تهذيبن جا رنگ پنهنجي اندر سمائي رکيا آهن. اڄ ثقافتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ سڄي دنيا سان هم …

اسلام آباد-18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ثقافتي ورثي کي سماجي جدت ۽ ماضي جو امين قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو ثقافتي ورثو گهڻ رخي تهذيب ۽ تمدن سان سينگاريل آهي ۽ پاڪستان دنيا جي قديم ترين تهذيبن جا رنگ پنهنجي اندر سمائي رکيا آهن. اڄ ثقافتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ سڄي دنيا سان هم آواز ٿي ثقافتي ورثي جو عالمي ڏينهن پرعزم انداز ۾ ملهائي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هو اڄ پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ اهڙن ماڻهن کي دلي طور خراج تحسين پيش ڪري ٿو جيڪي گڏيل ثقافتي ورثي جهڙن قيمتي اثاثن جي تحفظ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. هن چيو ته عالمي سطح تي ثقافتي ورثي لاءِ ڏينهن مخصوص ڪرڻ ان جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. ثقافتي ورثو سماجي جدت ۽ ان جي ماضي جو امين آهي ۽ حال جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ مستقبل جو ضامن آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ثقافتي ورثو گهڻ رخي تهذيب ۽ تمدن سان سينگاريل آهي. پاڪ  رزمين دنيا جي قديم ترين تهذيبن جا رنگ پنهنجي اندر سمائي ويٺي آهي. اسان جو ورثو انساني تخليقي صلاحيت ۽ جدت جو خوبصورت مثال آهي، اسان جو اثاثو قومي ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ آهي ۽ معاشرتي هم آهنگي جو اظهار آهي. ثقافتي قصا، ڪهاڻيون، زباني روايتون، موسيقي، دستڪاري ۽ علائقائي ٻوليون معاشري جي زنده دلي ۽ روح جي تازگي کي برقرار رکن ٿيون. هي ورثو مقامي علم جو محافظ ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ روايتن جي تسلسل جي علامت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ثقافتي ورثي کي قومي ترقي ۽ عالمي لاڳاپن ۾ اهم سمجهي ٿي، ڌيان طلب ثقافتي ورثي جي يونيسڪو جي حفاظتي فهرست ۾ شموليت لاءِ به ڪوششون جاري آهن، هن چيو ته حڪومت ورثي کي دستاويزي شڪل ۾ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڊجيتل ثقافتي پليٽ فارمز جي قيام ۾ به سيڙپڪاري ڪري رهي آهي. هي پليٽ فارمز روايتن کي محفوط رکندا ۽ کين عالمي سطح تي ثقافتي سفارتڪاري، سياحت جي ترقي ۽ نوجوان نسل سان لاڳاپن کي به هٿي ڏيندا. هن چيو ته ثقافتي ورثي کي ماحولياتي تبديلي ۽ روايتي علم جي گهٽتائي جهڙا ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. حڪومت ڪميونٽيز، علمي ادارن ۽ سول سوسائٽي جي اجتماعي ڪوششن سان ان جي نئين نسل تائين حفاظت سان منتقلي کي يقيني بڻائي سگهي ٿي. هن چيو ته اڄوڪي اهم ڏينهن تي سمورن پاڪستانين، خاص ڪري نوجوان نسل کي اپيل ڪريان ٿو ته هو پنهنجي ثقافتي ورثي تي فخر ڪن ۽ ان جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. اسان جو ثقافتي ورثو قومي سڃاڻپ ۽ اتحاد جو ذريعو آهي، سڀني کي گڏجي قومي انمول ميراث کي محفوظ بڻايون.

مزید خبریں