راولپنڊي - 18 اپريل (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز، آرمي چيف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي وفد سان گڏ ايران جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري ورتو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق پنهنجي دوري دوران فيلڊ مارشل ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪئي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پرڏيهي وزير …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي جو ايران جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل

مزید خبریں
راولپنڊي – 18 اپريل (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز، آرمي چيف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي وفد سان گڏ ايران جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري ورتو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق پنهنجي دوري دوران فيلڊ مارشل ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪئي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ خاتم الانبيا هيڊڪوارٽرز جي ڪمانڊر ميجر جنرل علي عبداللحي سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران خطي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال، جاري سفارتي مصروفيتن ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار تي ٻڌل قدمن تي زور ڀريو ويو. فيلڊ مارشل مستقل سفارتي مصروفيتن ذريعي ڳالهين، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ حل طلب مسئلن جي پر امن حل جي ضرورت تي زور ڀريو. فيلڊ مارشل، ايراني قيادت ۽ ايراني عوام طرفان شاندار مهمان نوازي کي کي ساراهيو. هن صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني عوام طرفان ايراني قيادت جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهشن جو ورجاءُ ڪيو. هي دورو وچ اوڀر جي تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.











